شيخ نخرج جو مقبرو

شيخ نخرج جو مقبرو: مشهور بزرگ شيخ نخرج جو مقبرو سيوهڻ شهر ۾ قلندر لعل شهباز جي مقبري ڀرسان واقع آهي. هن بزرگ تي سيوهڻ جي ٻاليشاهين جي چڱي مڙس مقبرو ٺهرايو. روايت آهي ته ٻاليشاهي، شيخ نخرج جي مزار جي ويجهو رهندا هئا ۽ ٻاليشاهين جي چڱي مڙس کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو. ان شيخ نخرج جي مزار تي وڃي باس باسي هئي ته اگر کيس پٽاڻو اولاد ٿيو ته مزار تي مقبرو اڏائيندو. ان ٻاليشاهي پٽ ڄمڻ کان پوءِ مزار تي مقبرو اڏايو. ان کان پهرين فقط اڇي قبر هوندي هئي. هن وقت شيخ نخرج جو مقبرو شهر جي وچ ۾ ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي ويجهو هجڻ سبب زيارتين جو مرڪز آهي.


لفظ شيخ نخرج جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو